آرمي چيف سان چين جي پيپلز لبريشن آرمي جي ميڊيڪل ٽيم جي ملاقات

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان چين جي پيپلز لبريشن آرمي جي ميڊيڪل ٽيم ملاقات ڪئي آهي، پاڪ فوج جي تعلقات عامه جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف سان ملاقات ۾ چيني وفد جي اڳواڻي ميجر جنرل ڊاڪٽر زائو فيو ڪري رهيو هو . آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته ملاقات ۾ ڪورونا وائرس جو ڦهلاءُ روڪڻ ۽ ان ڏس ۾ پاڪستان جي اپائن بابت ڳالهيون ڪيون ويون .آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آرمي چيف چين پاران فوري مدد، ميڊيڪل سپلاءِ ۽ ماهرن جي ٽيم موڪلڻ تي انهن جا ٿورا مڃيا . ان موقعي تي آرمي چيف جو چوڻ هو ته ڪورونا وائرس خلاف جنگ ۾ عالمي سهڪار اڻ ٽر آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔