پاڪستان ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 88 مريض فوت

اسلام آباد: ملڪ ۾ اڄ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 88 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا، جنهن کانپوءِ فوتين جو گڏيل انگ 3 هزار 716 ٿي ويو، جڏهن ته 3 هزار 298 نوان ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ متاثرن جو گڏيل انگ هڪ لک 86 هزار 598 ٿي ويو آهي..سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 1564 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي ۽ 21 مريض لاڏاڻو به ڪري ويا، جنهن جي تصديق وڏي وزير ڪئي.. سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته صوبي ۾ نون ڪيسن کانپوءِ متاثرن جو ڪُل انگ 72 هزار 656 ۽ تازين فوتگين کانپوءِ فوتين جو گڏيل انگ 1124 ٿي ويو آهي.،پنجاب ۾ اڱاري ڏينهن ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 1365 ڪيس سامهون اچڻ سان گڏوگڏ 60 فوتگيون به رپورٽ ٿيون آهن،پي ڊي ايم اي موجب صوبي ۾ ڪورونا متاثرن جو ڪُل انگ 68 هزار 308 ۽ فوتين جو گڏيل انگ 1495 تائين پهچي چڪو آهي،. اسلام آباد ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 307 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي ۽ 5 مريض لاڏاڻو پڻ ڪري ويا آهن.، سرڪاري پورٽل موجب شهر ۾ ڪيسن جو گڏيل انگ 11219 ۽ فوتين جو گڏيل انگ 106 ٿي ويو آهي، جڏهن ته هيل تائين 5012 ڄڻا صحتياب ٿي چڪا آهن.، آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا وائرس اڄ وڌيڪ 24 ڄڻن کي متاثر ڪيو ۽ 2 فوتگيون پڻ سامهون آيون آهن…سرڪاري انگن اکرن موجب آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا ڪيسن جو گڏيل انگ 869 ۽ فوتين جو گڏيل انگ 22 ٿي ويو آهي…گلگت بلتستان ۾ اڄ وڌيڪ 38 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي..سرڪاري پورٽل موجب علائقي ۾ ڪيسن جو مجموعي انگ 1326 ٿي ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔