فواد چوڌري حڪومت ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا

اسلام آباد: سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي وفاقي وزير فواد چوڌري تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ ٿيندڙ ڇڪتاڻ جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا آهن.هڪ انٽرويو ۾ فواد چوڌري جهانگير ترين ۽ اسد عمر وچ ۾ ڇڪتاڻ جو انڪشاف ڪيو ۽ ٻڌايو ته اسد عمر کي وزارت تان هٽائڻ جي پٺيان ڪنهن جو هٿ هو. پهريان جهانگير ترين اسد عمر کي ڪڍرايو جنهن کان پوءِ اسد عمر جهانگير ترين کي هٽرائي ڇڏيو.فواد چوڌري چيو ته جڏهن پي ٽي آءِ حڪومت ٺهي ته جهانگير ترين اسد عمر ۽ شاهه محمود قريشي وچ ۾ اختلاف ايترا وڌي ويا جو پوليٽيڪل ڪلاس سموري راند مان ٻاهر ٿي وئي ۽ جن ماڻهن سان اها جڳهه ڀري پئي وئي اهي سياست سان لاڳاپيل ئي نه هئا.هن وڌيڪ چيو ته نوان ايندڙ ماڻهو نه عمران خان جي سوچ سان ملندڙ جلندڙ آهن ۽ نه ئي وري انهن ۾ اها صلاحيت موجود آهي. وفاقي وزير چيو ته عمران خان کي ماڻهن پوري سسٽم جي اصلاح جي لاءِ چونڊ ڪيو آهي.خبر ناهي ڪنهن وزيراعظم کي مشورو ڏنو ته ڪمزور ۽ ڊڪٽيشن وٺندڙ ماڻهن کي مقرر ڪريو. ائين ڪرڻ سان سڀني کان وڌيڪ نقصان پاڻ عمران خان کي پهتو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔