جلد سٺو وقت اچڻ وارو آهي: آصف زرداري جي جيالن کي تياريءَ جي هدايت

ڪراچي : پ پ جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته حڪومت ماڻهن لاءِ ڪجهه نه ڪيو ته خوفناڪ صورتحال جنم وٺي سگهي ٿي.. آصف علي زرداري اڄڪلهه بيمار آهي ۽ گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان سندس صحت جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي مختلف افواهه به گردش ڪري رهيا آهن، جنهن جي پ پ اڳواڻن طرفان ترديد ڪئي وئي آهي.. پ پ اڳواڻ آصف علي زرداري چيو آهي ته 18هين ترميم وفاق کي جوڙيو، اين ايف سي ايوارڊ ان کي مضبوط ڪيو پر حڪمران آئين ۽ ڪنهن اصول کي نه هر شئي جي ڀڃ ڊاهه چاهين ٿا.. پارٽي اڳواڻن سان فون تي ڳالهائيندي هن چيو ته وفاق ۾ ويٺل ماڻهو سياسي ادراڪ نٿا رکن، هر بحران کي وڌيڪ اونهو ڪري ٿا ڇڏين، وفاقي حڪومت صوبن کي مضبوط ڪرڻ بدران انهن کي وڌيڪ ڪمزور ڪري رهي آهي.. سندس چوڻ هو ته پ پ اڄ به بلوچستان جي مسئلن جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي پر شرط اهو آهي ته بلوچ نوجوان هٿياربند جدوجهد کي ترڪ ڪري سياسي جدوجهد ۾ واپس اچن، رياست کي به بلوچستان ۾ هاڻ وڌيڪ محتاط ٿيڻ جي ضرورت آهي، جيڪڏهن اڪبر بگٽي جهڙو ٻيو ڪو واقعو ٿي ويو ته حالتون سنڀالڻ ڪنهن جي به وس ۾ نه هوندو.. اڳوڻي صدر آصف زرداري پارٽي اڳواڻن قمر زمان ڪائرا ۽ چوڌري منظور احمد کي ٽيليفون ڪري ملڪي صورتحال ۽ پارٽي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ۽ چيو ته پنجاب ۾ جيالا متحد رهن، جلد سٺو وقت اچڻ وارو آهي، ڪيسن جو ڪو خوف ناهي، اڳ به عدالتن جو مقابلو ڪيو، اڳتي به ڪنداسين

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔