هن سال پرڏيهه ۾ رهندڙ مسلمان حج نه ڪري سگهندا

رياض : هن سال حج ٿيندو پر پرڏيهه ۾ رهندڙ مسلمان سعودي عرب اچي حج نه ڪري سگهندا، سعودي حڪومت معذرت ڪري ڇڏي، پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ڪورونا وائرس جي پکيڙ روڪڻ لاءِ حج ڪندڙن جو انگ محدود رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، سعودي شهرين سميت ملڪ ۾ اڳواٽ موجود پرڏيهي حج ادا ڪري سگهندا، حج دوران حفاظتي اپائن تي عملدرآمد يقيني بڻايو ويندو، پاڪستان جي مذهبي مامرن واري وزارت سعودي حڪومت جي پڌرائي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔