دنيا ۾ ڪورونا وائرس 3هزار 493 انساني جانيون ڳڙڪائي ويو

ڪراچي/نيويارڪ : سموري دنيا ۾ ڪورونا وائرس 3هزار 493 انساني جانيون ڳڙڪائي ويو، هڪ لک 23 هزار 805 نوان ڪيس رپورٽ ٿيڻ کانپوءِ متاثرن جو انگ 91لک 65هزار 705 ٿي ويو، ميڪسيڪو ۾ صورتحال خراب، هڪ ڏينهن اندر وڌيڪ هڪ هزار 44 ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا، برازيل ۾ 612، آمريڪا ۾ 324، ڀارت ۾ 312، ايران ۾ 119، روس ۾ 95، عراق ۾ 67 ماڻهو موت جي منهن ۾ هليا ويا، عالمي وبا سبب هيل تائين حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 4 لک 73هزار 97 ٿي ويو، 49لک کان وڌيڪ ماڻهو وائرس کي شڪست ڏئي صحتياب به ٿي چڪا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔