سپريم ڪورٽ پائلٽس جي جعلي لائسنسز جو نوٽيس وٺي ڇڏيو

اسلام آباد : چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد پائلٽس جي جعلي لائسنسز جي معاملي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو ۽ ڊائريڪٽر جنرل سول ايوي ايشن کان ٻه هفتن ۾ جواب طلب ڪري ورتو.چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد پائلٽس جي جعلي لائسنسز جو نوٽيس ڪورونا بابت پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي دوران ورتو.سپريم ڪورٽ پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته ڊي جي سول ايوي ايشن وضاحت ڪري ته پائلٽس کي جعلي لائسنس ڏيڻ وارن خلاف ڪهڙي ڪارروائي ٿي؟عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته مسافرن جي زندگين جي خطري ۾ وجهڻ سنگين ڏوهه آهي، جڏهن ته عدالت پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز (پي آءِ اي)، ايئر بليو ۽ سيرين ايئر لائن جي سربراهن کي به ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي.عدالت عظميٰ سڀني ايئر لائنز جي سربراهن کي پائلٽس جي ڊگرين ۽ لائسنسز جي تصديق تي ٻڌل رپورٽون به فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڪالهه ايوان ۾ هوابازي واري وزير جو بيان ٻڌي حيرت ٿي، سمورا جهاز هلندڙ ڦرندڙ ميزائل لڳن ٿا، ڪا خبر ناهي ته مسافرن سان ڀريل ميزائل ڪڏهن ڪٿي ڦاٽي پون.چيف جسٽس چيو ته هوابازي واري وزير جي بقول 15 سال پراڻي جهاز ۾ ڪو نقص نه هو، سڄو ملبو پائلٽ ۽ سول ايوي ايشن تي وڌو ويو آهي.واضح رهي ته قومي ايئر لائن پي آءِ اي شڪي لائسنس رکندڙ سڀني پائلٽس کي گرائونڊ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔