سمارٽ لاڪ ڊائون جو وڏو فائدو ٿيو آهي: شبلي فراز

اسلام آباد: سڌ سماءَ واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته هاٽ اسپاٽ علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون جو وڏو فائدو ٿيو آهي.اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شبلي فراز چيو ته ڪورونا جو ڪو علاج ناهي، تنهن ڪري ماسڪ جو استعمال لازمي ڪجي ته جيئن وائرس جي پکيڙ گهٽجي، عوام احتياطي اپائن تي عمل ڪري، اسان حفاظتي قدمن سان وبا کي شڪست ڏئي سگهون ٿا.
هن چيو ته سمارٽ لاڪ ڊائون سان ڪورونا ڪيسن ۾ گهٽتائي آئي آهي، هاٽ اسپاٽ علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون جو وڏو فائدو ٿيو آهي، انهن علائقن ۾ احتياطي اپائن تي عمل ڪيو پيو وڃي، سمارٽ لاڪ ڊائون وبا جي پکيڙ ۾ گهٽتائي آندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔