چيلنجن کي منهن ڏيڻ لاءِ رياستي ادارن جو مضبوط هئڻ ضروري آهي: آرمي چيف

راولپنڊي: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته پاڪ فوج ملڪ جي بچاءَ ۽ سيڪيورٽي لاءِ قومي حمايت سان پنهنجو فرض ادا ڪندي رهندي.پاڪ فوج جي شعبي موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه اين ڊي يو جو دورو ڪيو.هن نيشنل سيڪيورٽي ۽ وار ڪورس ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي خطي جي سيڪيورٽي صورتحال ۽ پاڪستان ۾ ڊگهي عرصي واري امن جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ويون جڏهن ته قومي سلامتي کي پيش اندرين ۽ ٻاهرين چيلنجن تي به خيالن جو اظهار ڪيو.پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه جو چوڻ هو ته سمورا چيلينج گڏيل حڪمت عملي جي تقاضا ڪن ٿا، انهن چيلنجن کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورن رياستي ادارن جو مضبوط هئڻ ضروري آهي، ملڪ ۾ ڊگهي عرصي وارو اقتصادي ۽ سماجي ترقي محفوظ ماحول سان سلهاڙيل آهن، ڊگهي عرصي وارو محفوظ ماحول ڏيڻ لاءِ پاڪ فوج هر ممڪن ڪوشش ڪندي رهندي، پاڪ فوج ملڪ جو دفاع ۽ سيڪيورٽي جي لاءِ قومي حمايت سان پنهنجا فرض ادا ڪندي رهندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔