پاڪستان ڪورونا سان وڙهڻ لاءِ تيار هو ته اڄ ماڻهو ڇو مري رهيا آهن“:بلاول

اسلام آباد : پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته دنيا ۾ اهڙو ڪو ملڪ ناهي، جيڪو ڪورونا جو مقابلو ڪري سگهي، پاڪستان جو صحت نظام به ڪورونا سان نٿو وڙهي سگهي، اسان جي وزيراعظم اڃا تائين ڪورونا تي ڪو منصوبو ناهي ٺاهيو.قومي اسيمبلي ۾ وزيراعظم جي تقرير تي رعمل ڏيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان شروع کان چئي رهيا هئاسين ته ڪورونا معاملي تي ٻين ملڪن جيان قدم کڻو، اولهه ملڪن قدم کڻي وبا تي ضابطو آندو، ڪورونا ٽيسٽنگ جي صلاحيت ۽ اسپتالن جي حوالي سان حڪومت جي ڪا رٿابندي ناهي.هن وزيراعظم کي چئلينج ڏيندي چيو ته اسيمبلي يا ٽي وي تي اچي مناظرو ڪيو، جيڪي ڪوڙ توهان ٽي وي تي ورجائيندا آهيو انهن تي مناظرو ڪيو، اسان کي يقين آهي ته هو بحث لاءِ تيار نه ٿيندو.سندس چوڻ هو ته اسان کي منڍ ۾ ئي بيڊن ۽ آئسوليشن وارڊن جو انگ وڌائڻو هو، اسان اڳ ۾ ئي چيو هو ته ٻه هفتا لاڪ ڊائون ڪيو، جنهن کي رد ڪيو ويو، ماڻهو تيزيءَ سان بيمار ٿي رهيا آهن ۽ صحت جو نظام بار برداشت نٿو ڪري سگهي، سنڌ حڪومت وبا خلاف اثرائتا قدم کنيا، اڄ خطي ۾ سڀ کان وڌيڪ ٽيسٽنگ سنڌ ۾ ٿي رهي آهي، سڀ کان وڌيڪ ڪورونا ريڪوري به سنڌ ۾ ٿي رهي آهي.پ پ چيئرمين مطالبو ڪندي چيو ته اسان کي هيلٿ سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ گهرجي، پاڪستان ڪورونا سان وڙهڻ جي تياري ڪري ڇڏي هئي ته اڄ ماڻهو ڇو مري رهيا آهن؟ حڪومت اڄ ڪنهن ڊاڪٽر، ڪنهن طبي ماهر جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، ماڻهو جيترا بيمار ٿيندا، اسان جي معيشت کي ايترو نقصان ٿيندو، حڪومت جي نالائقي سبب ڪورونا وبا پکڙجي رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔