بالي ووڊ جو ڪورونا وائرس سبب ٺپ ٿيل ڪم بحال

نئين دهلي : ڀارتي فلمي صنعت جي نمائندن اعلان ڪيو آهي ته ڪورونا وائرس سبب رڪيل فلمن جي رڪارڊنگ بنا دير شروع ڪئي پئي وڃي.

بالي ووڊ جي ٽن معتبر تنظيمن طرفان اهڙو اعلان اڄ ڪيو ويو آهي پر فلمي صنعت کي به سخت قاعدن ۽ ضابطن تحت ڪم ڪرڻو پوندو، جن ۾ پروڊيوسر لاءِ سيٽ تي هڪ ڊاڪٽر، هڪ نرس ۽ هڪ ايمبولينس جو انتظام لازمي قرار ڏنو ويو آهي.

قاعدن ۽ ضابطن تحت اهڙا سين به عڪسبند نٿا ڪرائي سگهجن، جن ۾ اداڪار جسماني طور ويجهو نظر اچن يا هڪٻئي کي ڇُهن، ان سان گڏوگڏ 65 ورهين کان وڌيڪ عمر جي اداڪارن لاءِ سيٽ تي داخلا منع آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔