وزيراعليٰ مريم نواز پيپلز پارٽي جي پنجاب ۾ خدشن تي ڳالهين لاءِ راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو

لاهور:  پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز پنجاب ۾ پيپلز پارٽي جي خدشن تي ڳالهين جي لاءِ تيار ٿي وئي آهي.

سومر تي پارليامينٽ جي اجلاس جي موقعي تي مريم نواز کان سوال ڪيو ويو ته پيپلز پارٽي وارن کي اوهان کان خدشا آهن ته انهن جا پنجاب ۾ ڪم نه ٿي رهيا آهن.

پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جواب ڏنو ته پيپلز پارٽي وارا جڏهن مون سان ڳالهيون ڪندا ته مون کي به خبر پوندي ۽ مان ساڻن ڳالهيون ڪندس. مريم نواز پارليامينٽ جي اجلاس ۾ اپوزيشن جي احتجاج تي چيو ته بدتميزي ۽ بدتهذيبي جي جيڪا بنياد اپوزيشن رکي آهي اها پاڻ انهي جو نشانو بڻجي رهي آهي.

پنجاب جي وزيراعليٰ چيو ته عوام کي هاڻ شعور اچي ويو آهي، ماڻهو ترقي ۽ پنهنجي مسئلن جو حل چاهين ٿا، عوام کي خبر پئجي وئي آهي ته بدتهذيبي ۽ عوام جي خدمت ۾ ڪهڙو فرق آهي.

ياد رهي ته سومر تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي سربراهي ۾ ٿيو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر صدر آصف علي زرداري کي خطاب جي دعوت ڏني ته اپوزيشن طرفان سخت نعريبازي ۽ گوڙ شروع ڪيو ويو. قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب اپوزيشن ميمبرن کان نعرا لڳرايا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔