پاڪستاني سفير کي آمريڪا ۾ داخلا کان روڪڻ تي پرڏيهي وزارت جو رد عمل سامهون اچي ويو

اسلام آباد: پاڪستان جي سفير کي آمريڪا ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ تي پرڏيهي وزارت جو رد عمل سامهون اچي ويو آهي.

پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب پاڪستاني سفير نجي دوري تي سفر ڪري رهيو هو اهو معاملو پرڏيهي وزارت جي طرفان جاچ جي مرحلي ۾ آهي.

گذريل ڏينهن ترڪمانستان ۾ مقرر پاڪستاني سفير کي آمريڪا ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو هو. انهي حوالي سان سفارتي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستاني سفير ڪي ڪي احسن وگن نجي دوري تي آمريڪا جي لاس اينجلس ايئرپورٽ پهتو هو.

پاڪستاني سفير وٽ آمريڪي ويزا ۽ قانوني دستاويزات موجود هئا پر آمريڪي اميگريشن اختيارين پاڪستاني سفارتڪار کي آمريڪا ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔