اسلام آباد: ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ طرفان 2014 ۾ ڌرڻن بابت ڪيس جي ٻڌڻي جوڊيشل مئجسٽريٽ شهزاد خان ڪئي.
ٻڌڻي دوران غير حاضري تي عدالت ايم اين اي خرم شهزاد، علامه راجا ناصر عباس سميت ٻين ڪارڪنن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. عدالت ڊاڪٽر طاهرالقادري کي اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي شروع ڪندي ڪيسز جي وڌيڪ ٻڌڻي 5 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
عمران خان لاڳاپيل ڪيس ۾ حاضري کان مستقل ڇوٽ تي آهن. پي ٽي آءِ باني ۽ ٻين جي خلاف سيڪريٽريٽ ٿاڻي ۾ 2 ڪيس داخل ٿيل آهن.