ايڊووڪيٽ اختر حسين جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جي رڪنيت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: پاڪستان بار ڪونسل جي نمائندي ايڊووڪيٽ اختر حسين جوڊيشل ڪميشن جي رڪنيت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.

سينئر ايڊووڪيٽ اختر حسين پنهنجي خط ۾ لکيو ته پاڪستان بار ڪونسل مون کي آئين پاڪستان 1973 جي آرٽيڪل 175(اي) (2) (5) جي تحت 3 ڀيرا جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جو ميمبر نامزد ڪيو، مان پنهنجون ذميواريون پنهنجي بهترين صلاحيتن موجب انجام ڏيندو رهيو آهيان.

اختر حسين لکيو ته تازي عدالتي مقررين بابت تڪرارن جي آڌار تي مان وڌيڪ ڪم جاري نٿو رکي سگهان. مان جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جي رڪنيت تان استعيفيٰ ڏيان ٿو، پنهنجي استعيفيٰ جي ڪاپي پاڪستان بار ڪونسل ڏانهن اماڻي رهيو آهيان ته جيئن آئين جي تحت منهنجي جڳهه نئون نامزد ميمبر مقرر ڪري سگهجي.

هن وڌيڪ لکيو ته عدليه جي ترقي، خودمختاري جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندس، چيئرمين پاڪستان بار ڪونسل جو ٿورو ادا ڪريان ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔