پشاور: لوئر ڪرم ۾ شدت پسندن جي خلاف آپريشن جاري آهي، وڌيڪ 20 گهربل ۽ شڪي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
آر پي او ڪوهاٽ عباس مجيد مروت موجب آپريشن ۾ وڌيڪ 20 گهربل ۽ شڪي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، هينئر تائين 68 گهربل جوابدارن سميت 85 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
آر پي او ڪوهاٽ ٻڌايو ته جوابدارن کان 83 مشين گن، ڪلاشنڪوف، 12 بندوقون ۽ سوين گوليون هٿ ڪيون ويون آهن. هن ٻڌايو ته جوابدارن کان ڦر ڪيل 4 ٽرڪن جو سامان به هٿ آيو آهي جنهن ۾ دوائون ۽ ٻيو روزاني جون شيون شامل آهن. آر پي او موجب پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن لوئر ڪرم جي علائقن ۽ اوچت بگن، مندوري ۽ ٻين لاڳاپيل علائقن ۾ ڪيو پيو وڃي.