سرگودها: دهشتگردي جي انت واري خصوصي عدالت 9 مئي جوڊيشل ڪمپليڪس ميانوالي حملي ڪيس ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي.
دهشتگردي جي انت واري عدالت سرگودها جي جج محمد نعيم شيخ ٻڌڻي ڪندي قومي اسيمبلي جي اپوزيشن اڳواڻ عمر ايوب ۽ پنجاب اسيمبلي جي اپوزيشن اڳواڻ احمد خان ڀچر تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي.
انهي کان علاوه ايم اين اي بلال اعجاز، احمد چٺه ۽ ٻين جوابدارن تي به فرد جرم لاڳو ڪئي وئي پر جوابدارن ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
ميانوالي جي سٽي ٿاڻي ۾ 9 مئي تي 57 نامزد ۽ 159 نامعلوم جوابدارن جي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 28 فيبروري تائين ملتوي ڪندي ايندڙ پيشي تي گواهن کي طلب ڪري ورتو.