قرض وٺڻ سان ملڪ ترقي نه ڪندو، دعا ڪريو صنعت ۽ زراعت ۾ اضافو ٿئي: وزيراعظم

ڊيراغازي خان: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته قرضن سان پاڪستان ترقي نه ڪندو، دعا ڪريو ته صنعتن جي چمنين مان دونهون نڪري ۽ ملڪ ترقي ڪري، اسان جا هاري فصلن جي پيداوار وڌائين ته جيئن ملڪ وڌ کان وڌ ترقي ڪري سگهي.

وزيراعظم ڊيره غازي خان ۾ مسلم ليگ(ن) جي جلسي ۾ سرائيڪي زبان ۾ به خطاب ڪيو، هن ڪينسر اسپتال ۽ يونيورسٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪندي چيو ته جڏهن اسان اقتدار سنڀاليو ته مهانگائي 40 سيڪڙو تي هئي، نوازشريف جي لاءِ اهو فيصلو ڪرڻ مشڪل هو ته هو ملڪ کي بچائي يا سياست کي ڏسي. پر هن سياست قربان ڪندي ملڪ کي بچائڻ جو فيصلو ڪيو.

شهباز شريف چيو ته جڏهن مان پرڏيهه ويندو آهيان ته ميزبانن کي محسوس ٿيندو آهي ته هي پئسا گهرڻ آيو آهي، هڪ شخص چيو هو ته شهباز شريف ٻاهر ويندو آهي ته ماڻهو سمجهندا هئا ته قرض گهرڻ ويو آهي ته مان سوال ڪريان ٿو ته عمران خان ڇا قرض ورهائڻ ويندو هو.

هن چيو ته هڪ سال اڳ جيڪا مهانگائي 40 سيڪڙو هئي  اها اڄ 2.4 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، ڪاورباري برادري جي لاءِ قرضن تي جيڪا وياج جي شرح 22 سيڪڙو هئي اها اڄ اڌ ٿي وئي آهي، ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي جنهن تي اسان رب پاڪ جو ٿورو ادا ڪريون ٿا.

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اسان جيڪو فيصلو ڪيو هو ته سياست قربان ڪنداسين ۽ ملڪ بچائينداسين مان سمجهان ٿو ته اڄ اسان انهي دور ۾ پهچي ويا آهيون، جڏهن ترقي جي شروعات ٿي رهي آهي، اسان سمورن صوبن سان گڏجي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ محنت ڪري رهيا آهيون اڳيان به سڀني کي گڏ کڻي هلنداسين. هن چيو ته ڏکڻ پنجاب جي ماڻهن سان اسان کي خاص لڳاءُ آهي، پهريان ميان نوازشريف ۽ مان اوهان ماڻهن جي خدمت ڪئي، هاڻ نوازشريف جي ڌيءَ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز اوهان جي خدمت ۾ مصروف آهي، اسان ماضي ۾ به منصوبا ڏنا.

وزيراعظم چيو ته اسان ڪنهن به قسم جو احسان نه ڪيو آهي، عوام جو پئسو عوام تي لڳايو آهي، ڏکڻ پنجاب جهڙي طرح اسان جي پارٽي ۽ خاندان جو ساٿ ڏنو آهي، جيڪڏهن سڄي زندگي خدمت ڪندا رهياسين تڏهن به احسان نٿا لاهي سگهون. عوام جي خدمت جو سلسلو جاري رکنداسين

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔