راولپنڊي: سيڪيورٽي آپريشن جي دوران ڪمانڊر سميت 16 افغان شهرين کي گرفتار ڪيو ويو آهي. مورگاهه ٿاڻي جي علائقي ۾ رات دير سان پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان سرچ آپريشن ڪيو ويو جنهن ۾ اهم افغان ڪمانڊر عبدالمالڪ کي گرفتار ڪيو ويو.
ذريعن موجب آپريشن دوران وڌيڪ 16 افغان شهري به گرفتار ڪيا ويا جيڪي غيرقانوني طور تي رهائش پذير هئا، گرفتار ڪمانڊر عبدالمالڪ اشرف غني جي حڪومت واري دور ۾ بطور ڪمانڊر افغانستان ڪم ڪندو رهيو اشرف عني حڪومت کان پوءِ عبدالمالڪ افغانستان مان غائب ٿي ويو هو.
افغان ڪمانڊر عبدالمالڪ سميت گرفتار ڪيل سمورن افغان شهرين کي حاجي ڪيمپ منتقل ڪيو ويو آهي. گرفتار ماڻهن وٽ پاڪستان ۾ قيام بابت ڪي به دستاويز موجود نه هئا، سمورن گرفتار ماڻهن کي افغانستان ڊي پورٽ ڪيو ويندو.