راولپنڊي: پي ٽي آءِ جي باني عمران خان علي امين گنڊاپور کي پارٽي جي صوبائي صدارت تان هٽائي ڇڏيو آهي، عمران خان خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کان پارٽي جي صوبائي صدر جو عهدو واپس وٺي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي جنيد اڪبر کي سندس جاءِ تي پارٽي جو نئون صوبائي صدر مقرر ڪيو آهي. پي ٽي آءِ جي باني پارٽي جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا کي جنيد اڪبر جي مقرري بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي.ان کان علاوه عمران خان سلمان اڪرم راجا کي پنجاب ۾ پارٽي جي بحالي تي صلاح مشورو ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي.