ڪراچي : وفاقي سرڪار جي اتحادي پ پ جا خدشا اڃا تائين برقرار آهن، جڏهن ته پيپلزپارٽي طرفان هاڻي سڌو نواز شريف اڳيان خدشا رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ايندڙ هفتي لاهور ۾ ديرو ڄمائيندو.ذريعن موجب، پيپلزپارٽي قيادت جي وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات باوجود پ پ قيادت جا خدشا اڃا تائين برقرار آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي اجلاس ۾ سياسي خاص ڪري پنجاب جي صورتحال تي صلاح مشورا ڪيا ويا. ذريعن موجب، وزيراعظم شهباز شريف سان ٿيل ملاقات سميت ٻين ڳالهين بابت ڪميٽي کي آگاهه ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلزپارٽي کي ڪينالن واري معاملي تي مسلسل نظر انداز ڪرڻ ۽ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس نه گهرائڻ تي خدشا آهن. ذريعن موجب، يوٽيليٽي اسٽورن سميت ٻين ادارن کي خانگاهڻ يا ضم ڪرڻ واري حڪومتي پاليسي تي به پيپلزپارٽي خوش ناهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلزپارٽي قيادت سڌي ريت نواز شريف سان صلاح مشوري جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب، پ پ چيئرمين سميت ٻئي قيادت سڌي ريت نواز شريف اڳيان پنهنجا خدشا رکندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم سميت حڪومتي عهديدارن سان ٿيل صلاح مشورن بابت نواز شريف کي آگاهه ڪيو ويندو. ذريعن موجب، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ايندڙ هفتي لاهور ۾ ڪجهه ڏينهن ترسڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ نواز سريف سميت پنجاب جي قيادت سان اهم ملاقاتون ڪيون وينديون..