اسلام آباد: قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن پيڪا ايڪٽ کي ڪارو قانون قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو آهي. خميس تي پيڪا ايڪٽ ترميمي بل 2025 کي قومي اسيمبلي ۾ منظور ڪيو ويو هو.وفاقي وزير رانا تنوير پيڪا ايڪٽ ترميمي بل 2025 قومي اسيمبلي ۾ منظوري جي لاءِ پيش ڪيو جنهن کي ايوان اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو.پيڪا ايڪٽ ترميمي بل 2025 جي خلاف صحافين طرفان پريس گيلري مان به واڪ آئوٽ ڪيو ويو هو. ٻئي پاسي اپوزيشن پيڪا ايڪٽ کي ڪارو قانون ڏئي رد ڪري ڇڏيو ۽ پيڪا ايڪٽ جي خلاف ملڪ گير مزاحمت جواعلان ڪري ڇڏيو آهي.قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ عمر ايوب صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته جيتري جلد بازي ۾ پيڪا ايڪٽ بل آيو انهي سان حڪومت جي هڪ طرفي سوچ ظاهر ٿئي ٿي انهي جي خلاف پارليامينٽ ۾ به احتجاج ڪيو ويندو.پي ٽي آءِ ڳواڻ اسد قيصر چيو ته اهڙا قانون آڻي اظهار جي آزادي تي پابندي لڳائي پئي وڃي. هن چيو ته اپوزيشن اتحاد جي پليٽ فارم تان غير آئيني قدمن جي خلاف جدوجهد ڪنداسين.