علي امين گنڊاپور آرمي چيف ۽ بيرسٽر گوهر وچ ۾ ملاقات جي تصديق ڪري ڇڏي

پشاور: خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور آرمي چيف سان بيرسٽر گوهر جي ملاقات جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

علي امين گنڊاپور حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ڳالهين جي ٽئين دور ۾ شرڪت لاءِ پارليامينٽ هائوس پهتو جتي صحافين انهي کان سوال ڪيا.

سوال جو جواب ڏيندي هن چيو ته آرمي چيف سان منهنجي ملاقات سيڪيورٽي صورتحال بابت هئي، هن چيو ته آرمي چيف سان پارٽي اڳواڻن به ملاقات ڪئي هئي، انهي ملاقات ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر به موجود هو.

حڪومت ۽ پي ٽي آءِ جي وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهين جي حوالي سان هن چيو ته ڳالهين ۾ شڪ شعبا هجن ها ته مان انهن جو حصو نه بڻجان ها. هن چيو ته جڏهن ويهنداسين ته ڪجهه سوچي ئي ويهنداسين. بيڪ ڊور ڳالهين جي ضرورت ناهي، جڏهن کلي ماحول ۾ ڳالهيون ٿي رهيون آهن ته پوءِ بيڪ ڊور ڳالهيون ڇو ڪريون.

صاحبزاده حامد رضا چيو ته آرمي چيف سان بيرسٽر گوهر جي ملاقات ناهي ٿي، بيرسٽر گوهر وزيراعليٰ هائوس ۾ امن امان بابت اجلاس ۾ شريڪ هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔