لاهور: پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز 3 ڪروڙ روپين تائين بنا وياج جي قرض ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ڏينهن رات ڪم ڪري ملڪ کي ڊيفالٽ جي خطري کان بچايو آهي.
لاهور ۾ آسان ڪاروبار فنانس ۽ آسان ڪاوربار ڪارڊ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو ته ماڻهو چئي رهيا هئا ته ملڪ ڊيفالٽ ڪري ويندو. هاڻ سمورا اڪنامڪ انڊيڪيٽرز بهتري طرف گامزن آهن. اسٽاڪ مارڪيٽ تاريخي رڪارڊ ٽوڙيو آهي، هاڻ سڄي دنيا جا سرمائيڪار پاڪستان طرف ڏسي رهيا آهن.
هن چيو ته وزيراعظم ڪالهه اعلان ڪيو ته بجلي جي قيمت 11 روپيه وڌيڪ گهٽ ٿيندي. دنيا جي ماڊلز جي اسٽڊي ڪندي آهيان، ڪنهن به ملڪ انڊسٽريلائزيشن کان سواءِ ترقي ناهي ڪئي، اسان کي به انڊسٽريلائزيشن طرف وڃڻو آهي، اڄ شاندار پيڪيج وٺي پنجاب جي عوام سامهون آئي آهيان، اڄ وزيراعليٰ آسان ڪاروبار فنانس ۽ وزيراعليٰ آسان ڪاروبار ڪارڊ آڻي رهيا آهيون.
مريم نواز چيو ته انهي منصوبي جي تحت اوهان کي 3 ڪروڙ روپين تائين بنا ڪنهن وياج جي قرض ملندو، اسان اوهان جي لاءِ بزنس پلان به ٺاهي ڇڏيا آهن، اسان اوهان لاءِ هينڊ هولڊنگ جو سسٽم به جوڙي رهيا آهيون، اوهان اڄ پئسا وٺو ۽ سڀاڻي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪري ڇڏيو، ننڍي فيڪٽري يا پاور پلانٽ لاءِ زمين رعايت تي ڏينداسين.
هن چيو ته اوهان زمين جو ٽڪڙو وٺي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪري سگهو ٿا، اها اسڪيم انهن نوجوانن لاءِ آهي جيڪي پنهنجو ڪاروبار ڪرڻ چاهين ٿا، پاڪستان ۾ غلابي لوڻ جون کاڻون موجود آهن، خزانو آهي، ٻيا ملڪ پاڪستان جي لوڻ کي وڪرو ڪري منافعو ڪمائيندا آهن، غلابي لوڻ جي ڪاروبار ۾ به تمام گهڻا وسيلا موجود آهن.
پنجاب جي وزيراعليٰ چيو ته منهنجو خيال ناهي ته ذاتي ڪاروبار ڪرڻ انهي کان وڌيڪ آسان هو، اسان اوهان کان ڪابه شيءَ گروي نه رکرائي رهيا آهيون، اسان اوهان کي آسان شرطن تي بنا ڪنهن وياج جي قرض ڏينداسين، جيڪي ماڻهو ڪاروبار ڪرڻ چاهين ٿا انهن کي هن کان وڌيڪ بهتر اسڪيم نٿي ملي سگهي، جن کي 3 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ جي ضرورت آهي اسان انهي جي به مدد ڪنداسين.
هن چيو ته وڏين صنعتن وارن کي اسان 50 لک جو سولر به مفت ڏينداسين. پنجاب ۾ ڊوميسٽڪ سرمائيڪاري لاءِ اهو وڏو موقعو آهي، پنجاب ۾ اسان انڊسٽريلائزيشن کي ڏسڻ چاهيون ٿا، پنهنجو ڪاروبار ڪري اڪانومي جي ترقي ۾ به ڪردار ادا ڪيو، اسان عوام جي ڀلائي لاءِ جيڪو ڪجهه به ڪري رهيا آهيون انهي جو فائدو جلد ملندو