آءِ ايم ايف وفد ڳالهين لاءِ اڄ پاڪستان پهچندو، صوبائي حڪومتون قانونسازي جي ڊيڊ لائنز پوري ڪرڻ ۾ ناڪام

اسلام آباد:   آءِ ايم ايف مشن اڄ پاڪستان پهچندو، ڳالهيون  سڀاڻي کان شروع ٿينديون پر صوبائي حڪومتون قانونسازي جي لاءِ  ڏنل ڊيڊ لائن پوري ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون آهن.

ناڻي واري وزارت موجب آءِ ايم ايف وفد کي پهرين ٽه ماهي دوران معاشي ڪارڪردگي تي بريفنگ ڏني ويندي. ذريعن موجب مني بجيٽ سميت آءِ ايم ايف سان ڳالهين لاءِ هوم ورڪ تي ڪم جاري آهي جنهن ۾ ٽيڪس روينيو، واپاري دوست اسڪيم ۽ توانائي جي شعبي ۾ اصلاحات شامل آهن.

ذريعن ٻڌايو آهي ته آءِ ايم ايف سان ساليانو ٽيڪس حدف پورو ڪرڻ لاءِ امڪاني مني بجيٽ آڻڻ تي به ڳالهيون ڪيون وينديون. آءِ ايم ايف وفد کي صوبائي سطح تي زرعي انڪم ٽيڪس لاڳو ڪرڻ ۾ اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويندو.

ذريعن موجب صوبائي حڪومتون قانونسازي لاءِ آڪٽوبر جي ڊيڊ لائن پوري ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون آهن. آءِ ايم ايف وفد کي 2.5 ارب ڊالر فنانسنگ گيپ پورو ڪرڻ لاءِ انتظامن کان آگاهه ڪيو ويندو.  

ناڻي واري وزارت  چيو آهي ته آءِ ايم ايف وفد دوري ۾ توسيعي فنڊ سهوليت پروگرام جي پهرين جائزي تي ڳالهيون نه ڪندو. موجوده پروگرام جو پهريون اقتصادي جائزه مارچ 2025 ۾ شيڊول آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔