سنڌ هاءِ ڪورٽ جو گم ٿيل شهري کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 2015ع کان گم ٿيل شهري ايم ڪيو ايم لنڊن جو ڪارڪن سرڪاري ملازم ثاقب آفريدي جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ،عدالت پوليس کي حڪم ڏنو ته گم ٿيل شهري کي جيترو ٿي سگهي جلد ڳولا ڪئي وڃي، عدالت جاچ آفيسر کي لاڳاپيل مئجسٽريٽ آڏو پيش رفت رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ثاقب آفريدي 2015 کان غائب آهي، 9 سال ٿي ويا آهن ڇا پوليس کي ڪنهن ڪيس م گهربل هيو ان ڪري پاڻ گم ٿي ويو آهي درخواستگذار جي وڪيل چيو ته ثاقب آفريدي ڪراچي ۾ دل جي بيمارين جي اسپتال ۾ ڪم ڪندو هو، هو پاڻ گم ناهي ٿيو ان کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي عدالت پڇاڻو ڪيو شهري کي ڇو غائب ڪيو ويو ڇا سبب آهي؟،وڪيل درخواستگذار چيو ته انهن جي مرضي آهي جنهن کي چاهين کڻي وٺي گم ڪري ڇڏين ، جاچ آفيسر چيون1998ع ۾ ثاقب آفريدي خلاف ڪيس داخل ٿيو هيو ، عدالت چيو ڇا هو ڪيس کان لڪي ويو آهي؟، جاچ آفيسر چيو هو پاڻ گم ناهي ٿيو، ڪيس مان ته هو آزاد ٿي ويو هيو ….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔