شانگلا آپگهاتي حملو: وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيني سفارتخاني پهچي ويو

شانگلا: شانگلا ۾ ٿيندڙ آپگهاتي ڌماڪي ۾ چيني شهرين جي مارجي وڃڻ کان پوءِ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيني سفارتخاني ۾ چيني سفير سان ملاقات ڪئي آهي.

محسن نقوي چيني سفير کي ڌماڪي جا سمورا تفصيل ۽ فوتگين جي باري ۾ آگاهه ڪيو ۽ واقعي واري هنڌ تي جاري ريسڪيو آپريشن کان به چيني سفير کي آگاهه ڪيو.

گهرو وزير شانگلا ۾ دهشتگرد حملي ۾ چيني شهرين جي فوتگين تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ سموري پاڪستاني قوم پنهنجي چيني ڀائرن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي.

محسن نقوي چيو ته واقعي جي جاچ کي يقيني بنائي ملوث ماڻهن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. وفاقي گهرو وزير چيو ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ڀائراڻي لاڳاپن تي حملو برداشت نه ڪرڻ جوڳو آهي. اسان ٻطرفن لاڳاپن کي متاثر ٿيڻ نه ڏينداسين

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔