دهشتگردي واقعي جي ذميوارن کي سخت سزا ڏينداسين: وزيراعظم شهباز شريف

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف چيني سفارتخاني پهچي ويو، جتي هن چيني سفير جيانگ زيڊونگ سان ملاقات ڪئي.

وزيراعظم چيني سفير جيانگ زيڊونگ سان بشام حملي ۾ 5 چيني شهرين جي مارجي وڃڻ تي تعزيت جو  اظهار ڪندي چيو ته مون سميت پوري قوم جون همدرديون چيني شهرين جي گهر ڀاتين سان گڏ آهن. واقعي جي اعليٰ سطحي جاچ ڪري ذميوارن ۽ سهولتڪارن کي سخت کان سخت سزا ڏينداسين.

شهباز شريف چيني صدر ۽ چيني وزيراعظم لاءِ واقعي جي حوالي سان تعزيتي پيغام ڏنو، هن چيو ته پاڪ چين دوستي کي نقصان پهچائڻ جي اهڙي ڪوشش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. وزيراعظم چيو ته سي پيڪ جي دشمنن هڪ دفعو ٻيهر اهڙي بزدلاڻي حرڪت جي سازش ڪئي آهي. دشمن پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪامياب نٿا ٿي سگهن. دهشتگردي جي ناسور جي خاتمي تائين انهن جي خلاف جنگ جاري رکنداسين.

چيني سفير جيانگ زيڊونگ وزيراعظم شهباز شريف جي سفارتخاني پهچڻ ۽ واقعي جي جاچ ۾ ذاتي دلچسپي تي ٿورو ادا ڪيو.

پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، گهرو وزير محسن نقوي، اطلاعات ۽ نشريات وارو وزير عطاءُالله تارڙ به وزيراعظم سان گڏ هئا. وزيراعظم جو خاص مددگار طارق فاطمي به وفد ۾ شامل هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔