شانگلا ۾ گاڏي تي آپگهاتي حملو، 5 چيني انجنيئرن سميت 6 ڄڻا مارجي ويا

شانگلا: خيبرپختونخواهه جي ضلعي شانگلا ۾ پرڏيهين جي گاڏي تي آپگهاتي ڌماڪي ۾ 5 چيني انجنيئرن سميت 6 ڄڻا مارجي ويا آهن.

پوليس موجب واقعو بشام ويجهو پيش آيو جتي سامهون ايندڙ ڌماڪيدار  مواد سان ڀريل ڪار پرڏيهين جي گاڏي سان ٽڪرائجي وئي جنهن کان پوءِ هڪ زوردار ڌماڪو ٿيو ڌماڪي جي شدت سبب چيني انجنيئرز جي گاڏي هيٺ اونهي کاهي ۾ ڪري پئي جنهن کان پوءِ ان ۾ باهه لڳي وئي.

ڊي آءِ جي مالاڪنڊ موجب پرڏيهين جي گاڏي اسلام آباد کان ڪوهستان اچي رهي هئي. ڪجهه سامهون ايندڙ رپورٽن موجب ڪار ۾ سوار چيني انجنيئرز داسو هائيڊرو پاور پروجيڪٽ تي ڪم ڪندا هئا ۽ اهي داسو وڃي رهيا هئا.

مارجي ويلن ۾ گاڏي جو ڊرائيور به شامل آهي پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ رواني ڪئي وئي آهي.

ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور بشام ۾ گاڏي تي حملي جي سخت مذمت ڪندي آءِ جي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. وڏي وزير واقعي ۾ انساني جانين جي نقصان تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته واقعو انتهائي افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو آهي. علي امين گنڊاپور لاڳاپيل ڊويزنل ۽ انتظاميه کي زخمين کي فوري طبي امداد جي فراهمي يقيني بنائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نوازشريف شانگلا ۾ حملي جي سخت مذمت ڪندي چيني شهرين جي مارجي وڃڻ تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي هن چيو ته چين مان ايندڙ ڀائرن تي حملو انتهائي تڪليف ڏيندڙ آهي، ڏک جي هن گهڙي ۾ چيني ڀائرن سان گڏ آهيون.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بشام ۾  حملي جي مذمت ڪئي آهي. هن چيو ته بشام ۾ دهشتگردي ۾ ملوث منصوبه سازن ۽ سهولتڪارن کي بي نقاب ڪري سخت سزا ڏني وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔