نئين آءِ ايم ايف پروگرام کان اڳ پي آءِ اي جي نجڪاري جو فيصلو

اسلام آباد: نئين آءِ ايم ايف پروگرام کان اڳ پي آءِ اي جي نجڪاري جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب قومي ايئر لائين(پي آءِ اي) جي نجڪاري آءِ ايم ايف جي شرطن موجب هوندي. جون تائين پي آءِ اي جي نجڪاري لاءِ ايل او آءِ جاري ڪري سگهجي ٿو.

جون يا جولاءِ دوران نجڪاري جو پراسيس مڪمل ڪيو ويندو. پي آءِ اي جي نقصانن ۽ قرض 700 ارب روپين تائين پهچي چڪو آهي. قومي ايئرلائين جي مٿان ڪمرشل بينڪن جو 270 ارب روپين جو قرض واجب الادا آهي. پي آءِ اي حڪومت جا ساڍا 300، ايف بي آر ۽ پي ايس او جا قرضدار به آهن.

پي آءِ اي بورڊ اجلاس قومي ايئر لائين جي نجڪاري جي توثيق ڪري ڇڏي، پي آءِ اي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج کي خط جي ذريعي فيصلي کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔