ڪراچي: جوڊيشل مئجسٽريٽ جنوبي منشيات فروشي جي الزام ۾ گرفتار انمول عرف پنڪي جي خلاف فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي.
عدالت پنڪي تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي تاريخ 25 جولاءِ مقرر ڪندي ڪيسز جي وڌيڪ ٻڌڻي 2 هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي. جيل ذريعن موجب 6 ڪيسز ۾ چالان ۽ گواهن جي بيانن جي ڪاپي ملزمه کي جيل ۾ فراهم ڪئي وئي آهي، عدالتي حڪمن تي عملي ذاتي طور تي دستاويز جوابدار عورت تائين پهچايا.
پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار عورت انمول جي خلاف 2020-2021 ۽ 2022 ۾ اها ڪيس داخل ٿيا هئا، انمول عرف پنڪي اهڙن ڪيسز ۾ مفرور هئي. پوليس موجب گارڊن ٿاڻي جي ڪيس ۾ گرفتاري کان پوءِ جوابدار عورت کي انهن ڪيسز ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.
تبصرے بند ہیں۔