ڊاڪٽر امجد سراج ميمڻ کي ستاره امتياز ملڻ تي سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ خوشي جي لهر

ڪراچي: جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ بينظير ڀٽو شهيد يونيورسٽي لياري جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر امجد سراج ميمڻ کي پاڪستان جي حڪومت طرفان طب ۾ نواڻ ۽ تعليمي خدمتن تي سول ايوارڊ ستاره امتياز سان نوازيو ويو. بينظير ڀٽو شهيد يونيورسٽي لياري جي اڳوڻي سينڊيڪيٽ ميمبر ۽ آفيسرز ايسوسيئيشن جي اڳواڻ وقار لغاري ڊاڪٽر امجد سراج ميمڻ کي ستاره امتياز ملڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ کيس خراج تحسين ۽ سنڌ جي روايت موجب اجرڪ جو تحفو پڻ پيش ڪيو.

تفصيل موجب سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ بينظير ڀٽو شهيد يونيورسٽي لياري جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر امجد سراج ميمڻ کي ملڪ جي صدر 14 آگسٽ 2023 تي ستاره امتياز جي قومي اعزاز سان نوازڻ جي منظوري ڏني هئي. سائنس جي ميدان ۾ پاڪستان جي لاءِ ان جون اهم خدمتون هيون جنهن کان پوءِ 23 مارچ 2024 تي يوم پاڪستان جي موقعي تي گورنر هائوس ڪراچي ۾ ميڊل ورهائڻ واري قومي تقريب ۾ کيس ستاره امتياز سان نوازيو ويو جنهن کان پوءِ هو پنهنجي نالي سان گڏ باقاعدگي سان ستاره امتياز يا S.I لکي سگهي ٿو.

ان حوالي سان جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ بينظير ڀٽو شهيد يونيورسٽي لياري سميت فيڪلٽي انتظاميه ۽ ٻين دوستن طرفان کيس مبارڪباد جي پيغامن جو سلسلو جاري آهي ۽ حڪومت جي اهڙي قدم جي تعريف ڪئي پئي وڃي.

ان موقعي تي شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي لياري جي اڳوڻي سينڊيڪيٽ ميمبر ۽ آفيسرز ايسوسيئيشن جي اڳواڻ وقار لغاري ڊاڪٽر امجد سراج ميمڻ کي مبارڪباد ڏني ۽ کيس گلدستو ۽ اجرڪ جو تحفو پيش ڪيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔