نيول بيس تي حملو، هڪ سپاهي شهيد 4 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي: تربت ۾ نيوي جي بيس تي دهشتگردن جي حملي ۾ بلوچستان فرنٽيئر ڪور جو هڪ سپاهي شهيد ٿي ويو. جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز سان مقابلي ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا. گذريل رات پيش آيل هن واقعي بابت آءِ ايس پي آر اڱاري تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته دهشتگردن گذريل رات تربت ۾ پي اين ايس صديقي تي حملي جي ڪوشش ڪئي جيڪا ناڪام بڻائي وئي. “سڪيورٽي فورسز کي فوري طور تي بحري فوج جي مدد لاء متحرڪ ڪيو ويو. هٿياربند فوجن جي گڏيل ۽ موثر جوابي گڏيل ڪليئرنس آپريشن جي نتيجي ۾ چئن دهشتگردن کي مارڻ ۾ مدد ڪئي،“. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته فائرنگ جي ڏي وٺ دوران بلوچستان فرنٽيئر ڪور جو 24 ورهين جو سپاهي نعمان فريد شهيد ٿي ويو. ڪمشنر مڪران سعيد احمد عمراڻي جو چوڻ آهي ته ايئرپورٽ جي بائونڊري واري پاسي کان ٽن طرفن کان حملو ڪيو ويو پر سيڪورٽي فورسز جي فوري ڪاروائي ۾ حملو ناڪام ٿي ويو ۽ سڀ دهشتگرد مارجي ويا. ياد رهي ته پي اين ايس صديقي نيوي جي وڏي ۾ وڏي ايئر اسٽيشن آهي. مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته هڪ درجن کان وڌيڪ ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا ۽ رات 10 وڳي شروع ٿيل فائرنگ اڌر رات کان به دير تائين جاري هئي. ڪالعدم بي ايل اي جي مجيد برگيڊ حملي ۾ ملوث ٻڌائي وڃي ٿي. ياد رهي ته ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردن جي ڪارواين م اصافي ٿي رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔