راولپنڊي/اسلام آباد : راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ وسڪاري سبب نالي لئي ۾ چاڙهه اچي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ڪٽاريان واري هنڌ پاڻيءَ جي سطح 22 فوٽن کان لنگهي وئي آهي.نالي لاءِ جي ٻنهي پاسن کان آباديءَ کي محفوظ رهڻ جون هدايتون جاري ڪندي خطري جا سائرن وڄايا ويا آهن.سڀ کان وڌيڪ برسات سيدپور واري علائقي ۾ 66 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي. واسا جون ٽيمون ۽ هيوي مشينري نالي لاءِ ۽ هيٺانهين واريون وسندين ۾ موجود آهن.ٻئي پاسي نارووال ۾ به وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي جنهن سبب هيٺانهين وارا علائقا پاڻيءَ هيٺ اچي ويا آهن، جڏهن ته منڊي بهاءُالدين ۾ به برسات جو اطلاع آهي.موسميات کاتي جمعي تائين ملڪ جي مٿاهين ۽ وچين علائقن ۾ برساتن جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. موسميات کاتي موجب اسلام آباد، مٿاهين پنجاب، بلوچستان، خيبر پختونخوا، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ برسات ٿي سگهي ٿي.فلڊ فارڪاسٽنگ ڊويزن لاهور موجب سنڌو نديءَ ۾ ڪالا باغ، چشمہ، تونسہ ۽ گڊو بئراج وٽ هينئر هيٺئين درجي جو ٻوڏ واري صورتحال آهي، جڏهن ته ملڪ جي ٻين ندين ۽ ۽ نالن ۾ صورتحال معمول موجب آهي.
تبصرے بند ہیں۔