ڊيرا اسماعيل خان ۾ فورسز جي ڪارروائي، 4 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي: خيبرپختونخواهه جي ضلعي ڊيرا اسماعيل خان ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران 4 دهشتگرد مارجي ويا.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري کاتي (آءِ ايس پي آر) موجب سڪيورٽي فورسز ڊيرا اسماعيل خان ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ مصطفيٰ، قسمت الله ۽ اسلام الدين سميت 4 دهشتگرد مارجي ويا.آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو آهي، دهشتگرد سڪيورٽي فورسز خلاف دهشتگردي ۽ بيگناهه شهرين جي قتل ۾ به ملوث هئا. آءِ ايس پي آر چيو ته علائقي مان وڌيڪ دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي، سڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔