صدر آصف زرداري سان وزيراعظم جي ملاقات، سياسي ۽ معاشي صورتحال تي ڳالهيون

اسلام آباد: صدر آصف علي زرداري سان وزيراعظم شهباز شريف ملاقات ڪئي آهي. ملاقات ۾ صدر آصف زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف ملڪ جي گڏيل سياسي ۽ معاشي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون.

صدر ۽ وزيراعظم ملڪ کي پيش ايندڙ مسئلن مان ڪڍڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جو اظهار پڻ ڪيو. صدر ۽ وزيراعظم رمضان المبارڪ ۾ عوام کي رليف ڏيڻ جي قدمن تي به ڳالهيون ڪيون

صدر ۽ وزيراعظم ۾ ٿيندڙ ملاقات دوران ملڪ جي معاشي، سياسي صورتحال جا معاملا پڻ غور هيٺ آيا ٻنهي اڳواڻن ملڪ ۾ معيشت جي بهتري لاءِ وڌ کان وڌ ڪوششون وٺڻ جو پڻ ارادو ظاهر ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔