مريم نواز پاڪستان جي تاريخ جي پهرين عورت سي ايم بڻجڻ لاءِ تيار

مريم نواز پاڪستان جي تاريخ جي پهرين عورت سي ايم بڻجڻ لاءِ تيار، پنجاب ۾ سادي اڪثريت سان حڪومت ٺاهڻ لاءِ 186 ميمبرز جي اڪثريت گهربل

 نواز ليگ صوبائي ايوان ۾ 133 سيٽن سان پهرين نمبر تي آهي، 23 آزاد ميمبرن جي شموليت، عورتن جي مخصوص 26 ۽ اقليتن جي 5 سيٽن سان نوازليگ ايوان ۾ 201 ميمبرز سان سڀني کان اڳتي

 نواز ليگ کي پيپلزپارٽي جي 14، قاف ليگ جي 10 ۽ آءِ پي پي جي 6 ميمبرز جي حمايت به حاصل، نواز ليگ کي پنجاب اسيمبلي ۾ مجموعي طور 230 ميمبرز جي اڪثريت حاصل  آهي

 پنجاب اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي نواز ليگ جي اڳواڻ عطا تارڙ چيو ته اسان وٽ پنهنجن 210 ميمبرز جي واضح اڪثريت موجود آهي، مريم نواز جي قيادت هيٺ پنجاب ۾ عوامي فلاح جا منصوبا مڪمل ٿيندا ۽ مهانگائي گهٽ ٿيندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔