پنجاب اسيمبلي اجلاس جو ڪجهه دير لاءِ ملتوي،ميمبرن ۾ جهڙپ

لاهور: پنجاب اسيمبلي جو اجلاس نون چونڊيل ميمبرن جي حلف برداري لاءِ شروع ٿي ويو آهي، جيڪو جمعي جي نماز تائين ملتوي ڪيو ويو آهي.پنجاب اسيمبلي جو اجلاس اڄ صبح 10 وڳي طلب ڪيو ويو، جيڪو ٻه ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو.پنجاب اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر سبطين خان جي صدارت هيٺ ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ اسپيڪر نون چونڊيل ميمبرن کي حلف کڻائيندو.مسلم ليگ ن جي نامزد وڏي وزير مريم نواز به حلف کڻڻ لاءِ اسيمبلي ۾ موجود آهي، مريم نواز جڏهن اسيمبلي پهتي ته ميمبرن شينهن جا نعرا هنيا جڏهن ته ن ليگ جا ميمبر نواز شريف جون تصويرون کڻي ايوان ۾ پهچي ويا.اجلاس ۾ سني اتحاد ڪائونسل ۽ (ن) ليگ جي ميمبرن وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي.واضح رهي ته پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد اميدوارن سني اتحاد ڪائونسل ۾ شامل ٿي ويا آهن.
الله ڪري پنجاب ۾ خدمت جو نئون دور شروع ٿئي: مريم نواز
مريم نواز ايوان ۾ پهچڻ تي ميڊيا جي نمائندن جي سوالن جي جواب ۾ چيو آهي ته پنجاب ۾ خدمت جو نئون دور شروع ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔