ملڪ احمد خان کي پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر نامزد ڪرڻ جو امڪان

لاهور: مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ملڪ محمد احمد خان کي پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر نامزد ڪرڻ جا امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن.

ملڪ محمد احمد خان پنجاب اسيمبلي پهتو، جتي هن ميڊيا سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي.

سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ احتجاج ۽ شرارت کانسواءِ ڪجهه ناهي ڪيو.

ن ليگ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته اسلم اقبال تي ڪيس ناهي ته پوءِ اسيمبلي ۾ اچي.

ملڪ محمد احمد خان جو اهو به چوڻ آهي ته بدقسمتيءَ سان ڪجهه ڪردار سياست ۾ عدم استحڪام جو سبب بڻجن ٿا، اهي ڪردار ختم ٿي ويندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔