ٻيهر آءِ ايم ايف جي در تي وڃڻ وارا آهيون: عرفان صديقي

اسلام آباد: مسلم ليگ ن اڳواڻ عرفان صديقي جو چوڻ آهي ته اسان ٻيهر آءِ ايم ايف جي در تي وڃڻ وارا آهيون.

مسلم ليگ ن جي اڳواڻ عرفان صديقي چيو آهي ته ملڪي معيشت تمام گهڻو زوال پذير آهي، اسان جو دارومدار ٻين تي آهي.

هن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ملڪ ۾ انتشار ۽ عدم تحفظ جي فضا کي ختم ڪرڻ به هڪ چيلنج آهي، ناڻي واري وزير يا ٻين وزارتن سان لاڳاپيل معاملي جو اڃا تائين فيصلو ناهي ٿيو.

عرفان صديقي اهو به چيو آهي ته ن ليگ جي گذريل دور ۾ اسان آءِ ايم ايف کان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو، ناڻي واري وزارت بابت اڃا تائين فيصلو ناهي ٿيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔