چونڊن ۾ هٿيارن جي نمائش تي پابندي هوندي: حارث نواز

ڪراچي:نگران گهرو وزير سنڌ برگيڊيئر (ر) حارث نواز چيو آهي ته چونڊن ۾ هٿيارن جي نمائش تي پابندي هوندي.ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي، اسان سندن مدد ڪري رهيا آهيون.سنڌ جي نگران گهرو وزير وڌيڪ چيو ته پولنگ اسٽيشنن ٻاهران پوليس به مقرر ڪئي ويندي.هن چيو ته سنڌ ۾ 19 هزار 4 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون وينديون، سنڌ ۾ اليڪشن ڊيوٽي لاءِ 1 لک 22 هزار پوليس اهلڪار گهربل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔