بحيره احمر ۾ حوثي حملا، آمريڪا پاران چين کان مدد جي گهر

واشنگٽن: آمريڪا بحيرهه احمر ۾ حوثي باغين جي حملن کي روڪڻ لاءِ چين کان مدد گهري آهي،پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪا گذريل 3 مهينن دوران چين جي اعليٰ اختيارين سان ڪيترائي ڀيرا بحيرهه احمر ۾ حوثي باغين جي حملن جو معاملو اٿاريو آهي،ٻئي طرف آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جو چوڻ آهي ته حوثي باغين جا 2 اينٽي شپ ميزائل تباهه ڪري ڇڏيا آهن جيڪي بحيرهه احمر ۾ حملي لاءِ تيار هئا،سينٽ ڪام جو چوڻ آهي ته حوثي جا اينٽي شپ ميزائل ريڊ سمنڊ ۾ حملي لاءِ تيار هئا،ٻڌايو پيو وڃي ته حوثي باغين جا ميزائل خطي ۾ ڪمرشل جهازن ۽ آمريڪي نيوي جي جهازن لاءِ خطرو آهن ۽ آمريڪا لاءِ خطرو بڻجندڙ جهازن کي تباهه ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔