شيخ رشيد کي مائٽن سان ملاقات نه ڪرائڻ تي اڊيالا جيل جي سپرنٽينڊنٽ کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري

راولپنڊي: اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد جي ويجهن مائٽن سان ملاقات نه ڪرائڻ تي اڊيالا جيل جي سپرنٽينڊنت کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.

9 مئي سانحي بابت داخل 12 ڪيس ۾ ضمانت جي درخواست تي دهشتگردي جي انت واري خصوصي عدالت جي جج ملڪ اعجاز آصف ٻڌڻي ڪئي. عدالت اڊيالا جيل جي سپرنٽينڊنٽ کي 26 جنوري تي جواب سميت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

عدالتي نوٽيس ۾ پڇيو ويو آهي ته عدالتي حڪم جي باوجود جوابدار جي مائٽن سان ملاقات ڇو نٿا ڪرايو؟ شيخ رشيد احمد جي طبيعت خراب هجڻ بابت به عدالت کي آگاهه ڪيو ويو جنهن کان پوءِ عدالت جيل انتظاميه کي شيخ رشيد جو طبي معائنو ڪرائي رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي.

ٻڌڻي دوران سرڪاري پراسيڪيوٽر پيش نه ٿيا ۽ پوليس رڪارڊ به پاڻ سان گڏ نه آندو. جنهن تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي 2 ڪلاڪن ۾ رڪارڊ طلب ڪري ورتو.

عدالت پي ٽي آءِ باني عمران خان، اڳوڻي گهر وزير شاهه محمود قريشي ۽ اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد جي ضمانت واري درخواستن جي ٻڌڻي ۾ ساڍي 11 وڳي تائين وقفو ڪيو. جنهن کان پوءِ سمورن 12 ڪيسن جا چالان پيش نه ڪرڻ ۽ مرڪزي پراسيڪيوٽر جي پيش نه ٿيڻ تي درخواستن جي ٻڌڻي 27 جنوري تائين ملتوي ڪئي وئي.  پراسيڪيوٽر حسيب سلطان ٻڌايو ته جاچ ٽيم رڪارڊ سميت لاهور ويل آهي. جنهن تي عدالت حڪم ڏنو ته ايندڙ تاريخ تي مڪمل رڪارڊ پيش ڪيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔