آزاد اميدوارن سان ملي حڪومت ٺاهڻ پسند ڪنداسين: بلاول ڀٽو

لاهور: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آزاد اميدوارن سان ملي حڪومت ٺاهڻ پسند ڪنداسين.

برطانوي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي اڳوڻي پرڏيهي وزير چيو ته مسلم ليگ(ن) ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آهن. هي ٻئي پارٽيون پنهنجي ڪارڪردگي ثابت ڪري چڪيون آهن. ملڪ ۾ چهرا تبديل ٿيندا آهن پر پاليسيون ساڳيون ئي رهنديون آهن.

چونڊن جي حوالي سان ڳالهيون ڪندي  بلاول ڀتو چيو ته پهريون ڀيرو ايتري وڏي انگ ۾ آزاد اميدوار چونڊن ۾ حصو وٺي رهيا آهن. مان آزاد اميدوارن سان ملي حڪومت ٺاهڻ پسند ڪندس. پ پ چيئرمين هڪ دفعو ٻيهر پنهنجي توپن جو رخ مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ نوازشريف  طرف موڙيندي چيو آهي ته نوازشريف پٺئين دروازي کان چوٿون ڀيرو وزيراعظم بنجڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. نوازشريف اهو تاثر ڏئي رهيو آهي ته هو وزيراعظم بنجڻ لاءِ عوام کان علاوه ڪنهن ٻئي شيءَ تي ڀروسو ڪري رهيو آهي

هن چيو ته اڄ جي ڪيل فيصلن جا اثر پاڪستان جي نوجوانن کي ڀوڳڻا پوندا. منهنجي خيال ۾ اهو بهتر هوندو ته انهن کي پنهنجا فيصلا ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي ڇو ته پاڪستان جي 241 ملين جي آبادي جو ڪافي حصو 30 سالن ننڍي عمر جي آهي. 300 يونٽ مفت بجلي جي فراهمي جي حوالي سان پڇيل سوال تي بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته مالياتي رڪاوٽن جي باوجود پيپلز پارٽي وٽ عوام کي مفت بجلي فراهم ڪرڻ جو منصوبو آهي.

هن چيو ته سماجي تحفظ جي پروگرامن کي هٿي ڏيڻ جو منصوبو  به اسان وٽ موجود آهي. ماحولياتي تبديلي جي خطري کي نظر ۾ رکندي پاڪستان جي ترقياتي ماڊل جي تنظيم جي نئين سري سان تعمير جي تجويز به اسان جي منشور ۾ شامل آهي.

پ پ چيئرمين چيو ته چونڊن ۾ ملڪي تاريخ جا سڀني کان وڌيڪ آزاد اميدوار حصو وٺي رهيا آهن. نوازشريف اهو تاثر ڏئي رهيو آهي ته هو وزيراعظم بنجڻ لاءِ عوام کان علاوه ڪنهن ٻئي شيءَ تي ڀروسو ڪري رهيو آهي .نوازشريف پٺئين دروازي ذريعي چوٿون ڀيرو وزيراعظم بنجڻ چاهي ٿو پر اسان سندس رستو روڪينداسين

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔