اسلام آباد پوليس جو عام چونڊن لاءِ سيڪيورٽي پلان جاري

اسلام آباد: اسلام آباد پوليس چونڊن بابت سيڪيورٽي پلان کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي. آءِ جي اسلام آباد اڪبر ناصر خان جي صدارت هيٺ چونڊن بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ چونڊن جي دوران شهر جي سيڪيورٽي بابت غور ڪيو ويو.اسلام آباد پوليس جي ترجمان موجب چونڊن بابت سيڪيورٽي پلان کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي پر اڃان تائين فنڊز جاري نه ٿيڻ سبب عملي قدمن ۾ دير ٿي رهي آهي.ترجمان چيو ته سمورن پوليس اهلڪارن جون موڪلون ٻئي حڪم اچڻ تائين پابندي لڳائي وئي آهي. پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا 10 هزار اهلڪار ڊيوٽي ڏيندا. اضافي ڊيوٽين لاءِ رضاڪار ۽ رٽائرڊ آفيسرن جون خدمتون ورتيون وينديون. ان کان علاوه 500 رضاڪار عورتن جي خدمت لاءِ به درخواست ڏني وئي آهي.ترجمان چيو ته چونڊن جي ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي برداشت نه ڪئي ويندي. هٿيارن جي نمائش، احتجاج يا امن امان ۾ رنڊڪ وجهڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه هوندي. سمورين حساس پولنگ اسٽيشنن تي ڪيمرا لڳايا ويندا ۽ سيف سٽي اسلام آباد ۾ مرڪزي ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويندو. ترجمان ٻڌايو ته اسلام آباد پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادان جا 10.000 اهلڪار ڊيوٽي جا فرض ادا ڪندا. پرامن چونڊون ڪرائڻ اسلام آباد پوليس جي ذميواري آهي شهري ڪنهن به غير معمولي سرگرمي جي اطلاع پڪار 15 يا آءِ سي ٽي 15 ايپ تي ڏين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔