ٿي سگهي ٿو ته ڪورونا وائرس ڪڏهن ختم نه ٿئي: صحت جو عالمي ادارو

جنيوا:صحت جي عالمي اداري دنيا کي خبردار ڪيو آهي ته ٿي سگهي ٿو ته ڪورونا وائرس ڪڏهن به ختم ئي نه ٿئي، دنيا ۾ 2 لک 98 هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن ۽ 44 لک 30 هزار کان وڌيڪ متاثر آهن.گڏيل قومن آگاهي ڏني آهي ته وبائي مرض وڏي پيماني تي پريشاني ۽ ذهني مرض جو سبب بڻجي رهيو آهي خاص ڪري ان ملڪن ۾ جتي صحت جي شعبي ۾ وڌيڪ سرمائيڪاري ناهي ڪئي وئي. ڊبليو ايچ او جي ايمرجنسيز جي ڊائريڪٽر مائيڪل رائن جنيوا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته وائرس اسان جي ڪميونٽي ۾ هڪ خطرناڪ وبا جي شڪل اختيار ڪري ورتي آهي، جنهن تي جلد ضابطو ايندي نظر نٿو اچي. هن چيو ته ايچ آءِ وي جو مرض ختم ناهي ٿيو، پر دنيا ان وبا جو مقابلو ڪرڻ سکي ورتو آهي، جڏهن ته ڪورونا وائرس جي ويڪسين اڃا تائين تيار ناهي ٿي سگهي.هن چيو ته سموري دنيا جا ماهر ڪورونا وائرس جي ويڪسين تيار ڪري رهيا آهن، پر ماهرن جو اهو به چوڻ آهي ته ٿي سگهي ٿو ته اها وبا ڪڏهن ختم ئي نه ٿي سگهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪورونا وائرس تي ضابطي بابت ڪابه اڳڪٿي ڪرڻ وقت کان اڳ هوندي، صورتحال خراب آهي، دنيا کي هاڻ ان ڪورونا وائرس سان گڏ ئي جيئڻ سکڻو پوندو. واضح رهي ته عالمي وبا سبب هيل تائين 2 لک کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ 44 لک کان وڌيڪ ماڻهو بيمار ٿي چڪا آهن.هن وڌيڪ چيو ته ڪورونا وائرس جي پکيڙ اسان جي پنهنجي اختيار ۾ آهي اسان کي روزاني احتياط ڪرڻي پوندي ته جيئن ان جي پکيڙ ۾ گهٽتائي اچي سگهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان کي ذهني طور تي پاڻ کي ان ڳالهه تي تيار ڪرڻو پوندو ته ڪورونا وائرس جلد ختم نه ٿيندو.ياد رهي ته صحت جي عالمي اداري طرفان اهو بيان اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن دنيا جا ڪيترائي ملڪ لاڪ ڊائون ۾ نرمي ڪري رهيا آهن جڏهن ته ڊبليو ايڇ او خبردار به ڪيو هو ته ڪورونا وائرس جي ٻئي لهر ختم ٿيڻ کان اڳ لاڪ ڊائون ۾ نرمي نه ڪئي وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔