ايڪيهه رمضان تي مارڪيٽون بند ڪرڻ جو ارادو ناهي: سعيد غني

ڪراچي:سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني چيو آهي ته 21 رمضان کان مارڪيٽون بند ڪرڻ جو ڪوبه ارادو ناهي پر مارڪيٽن ۾ احتياط نه ٿي ته بند ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه رستو ناهي.خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهيون ڪندي سعيد غني چيو ته واپارين سان طئي ٿيو هو ته بنا ماسڪ وارن کي دڪان ۾ اچڻ جي اجازت ناهي. واپارين کي ايس  او پيز جي ڀڃڪڙي تي آگاهه ڪندا رهيا آهيون ۽ هنن به حڪومتي ايڪشن کي مڃيو آهي.هن چيو ته هڪ پيغام وڃڻ کپي ته  جيئن ماڻهو اهو نه سمجهن ته اسان کي جيڪو وڻي اهو ڪريون اسان کي ڪجهه نه ٿيندو. هر صورت ۾ ايس او پيز تي عمل ڪرڻو پوندو. اها دڪاندارن جي ذميواري آهي ته  هو اها ذميوار  پوري ڪن ته ماڻهو ماسڪ پائي رهيا آهن يا نه ۽ سماجي وٿي رکي رهيا آهن يا نه.سعيد غني چيو ته 21 رمضان کان مارڪيٽون بند ڪرڻ جو ڪوبه ارادو ناهي. جيڪڏهن ايس او پيز تي عمل ڪيو ويو ته ممڪن آهي ته مارڪيٽون کولي ڇڏيون پر غير ذميواري ٿي ته  پوءِ بند ڪرڻ جا امڪان وڌي ويندا ڇو ته احتياط نه ٿيندي ته اسان وٽ ٻيو ڪوبه رستو ناهي.صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اسان  وائرس جي پکيڙ  کي روڪڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين ته وڌيڪ ڪاروبار به کولي ڇڏينداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔