سنڌ ۾ به بورڊ جا امتحان ملتوي، شاگردن کي پروموٽ ڪيو ويندو

ڪراچي: سنڌ حڪومت به ڪورونا وائرس جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي بورڊ جا امتحان ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.ان حوالي سان خانگي چينل سان ڳالهيون ڪندي سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني چيو آهي ته بورڊ جا امتحان ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن کان پوءِ سنڌ ۾ ميٽرڪ ۽ انٽر جا امتحان نه ٿيندا پر شاگردن کي پروموٽ ڪيو ويندو.هن چيو ته امتحان نه وٺڻ جو فيصلو سنڌ حڪومت جي تعليمي اسٽيئرنگ ڪميٽي ڪيو آهي ۽ ٻارن کي ٻئي ڪلاس ۾ پروموٽ ڪرڻ جو حتمي فيصلو ڪري ورتو آهي پر شاگردن کي ٻئي ڪلاس ۾ پروموٽ ڪرڻ جي لاءِ قانون تبديل ٿيندو ڇو ته امتحاني بورڊ جي موجوده قانون تحت شاگردن کي بنا امتحان پروموٽ نٿو ڪري سگهجي.سنڌ جي تعليم واري وزير ٻڌايو ته شاگردن جا پرسنٽيج تبديل ڪيا ويندا ته جيئن کين ٻئي ڪلاس ۾ داخلا وٺڻ ۾ پريشاني نه ٿئي. واضح رهي ته سنڌ ۾ ان کان اڳ صرف پهرين کان اٺين ڪلاس جي شاگردن کي پروموٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو. سعيد غني وڌيڪ چيو ته اسڪولن کي بند نٿو رکي سگهجي ٻارن جي تعليم کي به ڏسڻو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔