سينيٽر مرزا محمد آفريدي ڪورونا مان صحتياب ٿي ويو

اسلام آباد: ڪورونا وائرس ۾ مبتلا سينيٽر مرزا محمد آفريدي صحتياب ٿي ويو آهي.سينيٽر مرزا محمد آفريدي ۾ 27 اپريل تي ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي هئي. جنهن کان پوءِ هو آئسوليشن ۾ هو پر هاڻ هن جي ڪورونا ٽيسٽ نگيٽو اچي وئي آهي.سينيٽر مرزا محمد آفريدي دعائون ڪرڻ تي عوام جو ٿورو مڃيندي چيو آهي ته ڪورونا جي صورتحال ۾ عوام احتياطي تدبيرون نه ڇڏي.قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر، سنڌ اسيمبلي جي ميمبر عبدالرشيد ۽ ڪي پي ڪي اسيمبلي جو ميمبر عبدالسلام آفريدي به ڪورونا مان صحتياب ٿي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔