قومي اسيمبلي جو اجلاس،ڪورونا تي بحث لاءِ رِٿَ منظور

اسلام آباد: ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڪورونا وائرس تي بحث لاءِ تحريڪ گڏيل طور تي منظور ڪئي وئي.اجلاس ۾ ايس او پيز موجب مامبرن کي ايوان ۾ داخل ٿيڻ ڏنو ويو، سڄي ملڪ ۾ مختلف واقعن ۽ حادثن ۾ فوت ٿيندڙ ماڻهن لاءِ فاتحه خواني ڪئي به ڪئي وئي.اجلاس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڪورونا تباهي مچائي ڇڏي آهي. ڪورونا وائرس هڪ چئلينج آهي ۽ حڪومت اپوزيشن جي راءِ کي بهتر سمجهندي اجلاس گهرايو آهي.هن جو چوڻ هو ته ٻي جنگ عظيم کانپوءِ ڪوويڊ 19 وڏو بحران آهي، 209 ملڪ ڪورونا وائرس سان متاثر ٿي چڪا آهن. وبا اچڻ کانپوءِ ڪو به ملڪ فوري طور تي ان سان نبري نٿو سگهي.
هن وڌيڪ چيو ته اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته سنڌ سان ناانصافي ٿي رهي آهي، جڏهن ته اين ڊي ايم اي سنڌ کي 8 لک 26 هزار کان وڌيڪ ماسڪ ڏنا.
شاهه محمود قريشي چيو ته منهنجو ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جي پيپلزپارٽي سان تعلق رهيو آهي، آئون ان پيپلزپارٽي جو حصو هئس جيڪا وفاق جي ڳالهه ڪندي هئي پر اڄ جي پيپلزپارٽي هڪ صوبي تائين محدود ٿي وئي آهي. هن چيو ته اڄ سنڌ ڪارڊ جي نه پر پاڪستان ڪارڊ جي ضرورت آهي
جڏهن ته اجلاس کي اپوزيشن اڳواڻن به خطاب ڪيو. قومي اسيمبلي جو اجلاس اربع ڏينهن جو 12 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔